اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ 27 مئي کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن دوران ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهر جواد ميمڻ موجب، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڏاکڻين ۽ وچ وارن علائقن سميت ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ واري صورتحال برقرار رهندي، جنهن ڪري قرباني دوران شهرين کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ٻئي طرف خيبر پختونخوا، مري ۽ گلگت بلتستان جهڙن مٿانهين علائقن ۾ موسم بهتر ۽ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.
ماهرن موجب گرمي جي اها شدت چوماسي جي برساتن تائين برقرار رهي سگهي ٿي جيڪي هن سال دير سان ٿيڻ جا امڪان آهن.
سخت گرمي جي ان صورتحال ۾ صحت جي ماهر ڊاڪٽر نور سيد شهرين کي صلاح ڏني آهي ته هو قرباني جي گوشت کي جلدي محفوظ ڪن ۽ گهڻي گرمي سبب گوشت کي تيز باهه تي چڱي طرح پچائي کائين، ڇو ته اڌ پڪل گوشت فوڊ پائيزننگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڊاڪٽرن موجب عيد جي کاڌن ۾ گيهه، چرٻي ۽ تيز مرچ مصالحن جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي، ۽ هڪ ئي وقت گهڻو گوشت کائڻ بدران ان کي مختلف حصن ۾ ورهائي کائڻ گهرجي.
گوشت سان گڏ گدرو، ٽماٽا ۽ ڦودني جو سلاد لازمي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن هاضمي ۾ آساني ٿئي.
ماهرن وڌيڪ چيو ته گوشت هضم ڪرڻ لاءِ ڪولڊ ڊرنڪس جي بدران ليمون پاڻي، لسي استعمال ڪئي وڃي، ۽ رات جو ماني کائڻ شرط سمهڻ بدران 15 کان 20 منٽ پنڌ ڪرڻ جي عادت پيدا ڪئي وڃي.

عيد تي ملڪ ۾ سخت گرمي جو امڪان، شهري گوشت کائڻ ۾ احتياط ڪن: ماهر
Leave a Comment Leave a Comment

