نيو جرسي (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پنج ڀيرا جي عالمي چيمپيئن برازيل کي 2-1 تان شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ناروي جي اسٽار اسٽرائڪر ارلنگ هالينڊ 79هين ۽ 90هين منٽ ۾ ٻه گول ڪري پنهنجي ٽيم کي يادگار فتح ڏياري. برازيل جي واحد گول نيمار جونيئر انجري ٽائيم ۾ پينالٽي ڪِڪ تي ڪيو، پر اهو ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيو.
هن فتح سان ناروي پهريون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو، جڏهن ته پنج ڀيرا جي عالمي چيمپيئن برازيل جو ميگا ايونٽ ۾ سفر ختم ٿي ويو. ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي جو مقابلو انگلينڊ ۽ ميڪسيڪو وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي فاتح ٽيم سان ٿيندو.


