نون صوبن واري مامري تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بحث ڪرائڻ جو اعلان

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت آڪٽوبر ۾ نون صوبن جي قيام واري معاملي تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بحث ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته سيپٽمبر ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس نه ٿيندا، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ پارلياماني اجلاس دوران نون صوبن جي قيام تي بحث ڪرايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته نون صوبن بابت بحث جو اصل فورم پارليامينٽ هائوس ئي آهي، ان ڪري پارليامينٽ کان راءِ ورتي ويندي.

 وفاقي وزير واضح ڪيو ته اسلام آباد کي صوبو نه بڻايو پيو وڃي، پر وفاقي گادي واري هنڌ لاءِ نئون حڪمراني وارو ماڊل اختيار ڪرڻ جي تياري آهي.

Share This Article
Leave a Comment