اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري چيو آهي ته گذريل ڏينهن اسان کي ايل اين جي گيس وصول ٿي، جنهن کانپوءِ هاڻ بجلي جي لوڊ مينيجمينٽ جو خاتمو ٿي چڪو آهي.
پنهنجي بيان ۾ اويس لغاري چيو ته عوام لوڊشيڊنگ کي منهن ڏنو، هاڻ پن بجلي سان بجلي جي پيداوار 6 هزار ميگا واٽ تائين پهچي چڪي آهي.
هن چيو ته پن بجلي جي پيداوار ان کان اڳ هڪ هزار ميگا واٽ تائين هوندي هئي، لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ اسان کي فرنس ۽ ٻارڻ سان هلندڙ پلانٽ به هلائڻا پيا.
اويس لغاري جو وڌيڪ چوڻ هو تھ موقعي تي اسان کي مهانگائي گيس خريد ڪرڻي پئي، ڇو ته قطري گيس نه پئي آئي، جيئن اڳ ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي، اميد ته هاڻ به ائين ئي ٿيندو، بجلي جي پيداوار 46 هزار ميگا واٽ نه پر 32 هزار ميگا واٽ آهي.


