نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ضلعي جي محراب پور ريلوي اسٽيشن جي پارڪ مان هڪ اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع ملڻ تي ريلوي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ ۽ موت جي سببن بابت جاچ جاري آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

محراب پور ريلوي اسٽيشن جي پارڪ مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

