لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مرڪزي رويتِ هلال ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي مان محرم الحرام جو چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي موصول نه ٿي آهي.
لاهور ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ رويتِ هلال ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عالمن سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس کان پوءِ اعلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾ چنڊ نظر نه اچڻ سبب پهريون محرم 17 جون (اربع) تي ٿيندو ،يومِ عاشورا 26 جون (جمعي) تي ٿيندو .
چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد وڌيڪ چيو ته ملڪ جي قيادت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا، ملڪ جي سلامتي لاءِ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو۔


