ھنڱورجا ۾ نياڻين کان ڦرلٽ جا واقعا، شهر ۾ شٽربند هڙتال، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

2 Min Read

هنڱورجا ( ويب ڊيسڪ ) ھنڱورجا شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ عورتن کان ڦرلٽ جي تازي واقعي خلاف سنڌ ميمڻ اتحاد جي سڏ تي سوين شھرين سخت احتجاج ڪيو. شھر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ڪاروباري مرڪز بند رهيا ۽ شھرين پريس ڪلب ھنڱورجا کان احتجاجي پيادل مارچ شروع ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو.

احتجاجي مارچ جي اڳواڻي انجنيئر ضمير حسين ميمڻ، عزيز ميمڻ، ڪاشف شيخ، منظور جھانگر، مير عادل ميمڻ ۽ عبدالجبار شيخ ڪئي. مظاهرين بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ھنڱورجا ۾ چوريون، ڦرون ۽ ڏوهاري وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جڏهن ته پوليس انتظاميا ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ هاڻي نياڻيون به محفوظ ناهن رهيون ۽ عورتن کان به ڦرلٽ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري رهي آهي، جنهن سبب شھرين ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي آهي.

شھرين مطالبو ڪيو ته عورتن کان ڦرلٽ ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ڦريل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.

ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڌرڻي دوران ايس ايڇ او ھنڱورجا اقبال نون مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون. هن احتجاج ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦريل سامان واپس ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

ايس ايڇ او جي خاطري ۽ واعدي کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو، جڏهن ته احتجاجي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پوليس انتظاميا پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو ته ٻيهر سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.

Share This Article
Leave a Comment