مريد شاخ (ويب ڊيسڪ) مريد شاخ ڀرسان پنجاب جي علائقي چوڪ چڌڙ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪوش برادري جي چڱي مڙس ۽ ڪشمور ضلعي ڪائونسل جي ميمبر مير عالمگير خان ڪوش، سندس گارڊ معشوق ڪوش ۽ ناظم ڪوش کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب واقعو غلام ياسين ڪوش جي گهر تي پيش آيو، جتي عالمگير خان ڪوش ترسيل هو. مقتول عالمگير خان ڪوش ڪشمور جو رهواسي ۽ پيپلز پارٽي ضلعي ڪشمور جو نائب صدر ٻڌايو پيو وڃي.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته پوليس طرفان وڌيڪ جاچ جاري آهي. قتل جا سبب ۽ جوابدارن بابت حتمي طور ڪا ڄاڻ سامهون نه آئي آهي.


