ملير: اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

1 Min Read

ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو )  ڪراچي جي اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ پيش آيل خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب حادثي جي اطلاع ملندي ئي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ فوتين توڙي زخمي کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اعظم پٽ حسن ۽ ناصر پٽ عبدالستار طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ محمد سروس پٽ عبدالستار جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حادثي جي سببن بابت جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment