ملير ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون، 10 افغان شهرين سميت گودام مالڪ گرفتار

1 Min Read

ملير (شاهد حسين) ملير پوليس غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکندي شرافي ڳوٺ پوليس اسماعيل ڳوٺ ۾ ڪٻاڙ جي گودام تي ڇاپو هڻي 10 غيرقانوني ترسيل افغانين سميت گودام مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل افغان شهرين ۾ اويس، عبدالرحمان، اسماعيل، شمس الدين، احسان، حبيب الله، شير خان، عاصم، عطاء الله ۽ محمد خان شامل آهن.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ان کان سواءِ پوليس غيرقانوني طور افغان شهرين کي بنا تصديق پناهه ڏيڻ جي الزام ۾ گودام مالڪ اختر الدين کي به گرفتار ڪري ٽيمپريري ريزيڊنٽس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment