نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ): خانواهڻ پوليس ڪارروائي ڪندي 3 غيرقانوني ترسيل افغان پناهگير گرفتار ڪري ورتا آهن.
پوليس موجب ايس ايڇ او لعل ڏني شر جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڪابل واسي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ عبدالجبار پٽ بخت پٺاڻ، سيد رحمان پٽ غلام مرتضيٰ پٺاڻ ۽ رضا خان عرف عبدالحميد پٽ احمد خان عرف محمد صالح خان پٺاڻ طور ٿي آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.


