ملير(شاهد ڇڄڙو) گڏاپ، اسٽيل ٽائون سميت ملير جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مبينا مقابلن دوران 4 زخمين سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ جاويد، الطاف، صدام حسين، علي مراد ۽ حبيب جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن عدنان ۽ دانيال خلاف پڻ مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار جاويد خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 4 ڪيس، صدام حسين عرف ذوالفقار خلاف مختلف ضلعن ۾ 5 ڪيس، جڏهن ته علي مراد ولد غلام مصطفيٰ خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 5 ڪيس داخل ٿيل آهن.
پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل، گوليون، 20 موبائل فون، 4 موٽرسائيڪلون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.
زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.


