ملير (شاهد حسين ڇڄڙو) ملير ۾ پوليس غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين ۽ نان ڪسٽم پيڊ شين خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
بن قاسم پوليس ڳجهي اطلاع ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور رهندڙ 8 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب گرفتار ڪيل افغان شهرين ۾ عجب گل، اول گل، سعيد، حڪمت الله، پرويز، يوسف پٽ حاجي عالم، عبدالقادر ۽ حڪيم الله شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار افغان شهرين کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ انچارج افغان ڪيمپ، جي سي ٽي ڪاليج ڪراچي حوالي ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف شاهه لطيف ٽائون پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ نان ڪسٽم پيڊ سگريٽ هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب هٿ آيل نان ڪسٽم پيڊ سگريٽن کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي.
ملير پوليس جو چوڻ آهي ته اعليٰ آفيسرن جي هدايتن تي غيرقانوني سرگرمين جي خاتمي، قانون جي بالادستي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ ڪارروايون جاري رکيون وينديون.


