ملير: (شاهد ڇڄڙو) ملير جي مجيد ڪالوني ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندڙ ٽيم جو مبينا طور گهيراءُ ڪيو ويو، جنهن دوران ٽيم جي ليڊي سپروائيزر ۽ سيڪيورٽي تي مقرر قائدآباد ٿاڻي جو هڪ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.
واقعي جي اطلاع تي علائقي جي پوليس وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهتي ۽ صورتحال تي ضابطو آندو.
زخمي ليڊي سپروائيزر ۽ پوليس اهلڪار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


