راولپنڊي/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڀارتي حمايت رکندڙ دهشتگرد تنظيم جماعت الاحرار پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪيمپ تي حملو ڪيو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ افغان دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي حمايت رکندڙ جماعت الاحرار جي خوارجين ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ جي مرڪزي گيٽ تي ڌماڪي بعد اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ زخمي افغان دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪستان رينجرز جا 3 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ”عزمِ استحڪام ويزن“ تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون پوري قوت سان جاري رهنديون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته قوم جي حفاظت لاءِ اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، پاڪستان پنهنجي جوانن جي شهادت جو پلاند وٺڻ لاءِ حملي جي ذميوار عنصرن خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندو.
صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار جي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي بهادر سپاهين جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، ٻاهرين سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
صدر آصف علي زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيدن جون قربانيون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، هو شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف به ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي ڀارتي حمايت رکندڙ دهشتگرد تنظيم جي حملي جي مذمت ڪندي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي سفارتي محاذ تي پاڪستان جي تاريخي مقبوليت دشمن کان هضم نه پئي ٿئي. ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري حملي آور دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي ساراهه ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.
بلاول هائوس جي ترجمان موجب، پيپلزپارٽي چيئرمين شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن بزدلاڻي فعل مان واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي ڪاميابي دشمن کان هضم نه پئي ٿئي، پر پاڪستاني قوم پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ دشمن جي هر سازش کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ پرعزم آهي.


