ڪراچي/لاهور/اسلام آباد:ملڪ ۾ اڄ 79هون جشنِ آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ فجر جي نماز دوران ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي.
رات جا 12 وڄندي ئي سڄي ملڪ ۾ جشنِ آزادي جون تقريبون شروع ٿي ويون، ملڪ جا شهر، گهٽيون ۽ پاڙا سبز هلالي پرچم جي رنگن سان سينگارجي ويا.
ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملتان سميت مختلف شهرن ۾ چراغان ۽ شاندار آتشبازي ڪئي وئي، جڏهن ته شهري جشنِ آزادي ملهائڻ لاءِ وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون.
لاهور ۾ گريٽر اقبال پارڪ ۽ لبرٽي چوڪ تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، جتي شهرين جو وڏو انگ آزاديءَ جو جشن ملهائڻ ۽ آتشبازي ڏسڻ لاءِ موجود هو.
حيدرآباد ۾ به رات جا 12 وڄندي ئي مختلف هنڌن تي آتشبازي ڪئي وئي، جڏهن ته شهري جشنِ آزادي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا.
ملتان ۾ ضلعي انتظاميا طرفان 14 آگسٽ جي جشن جي سلسلي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي آتشبازي ڪئي وئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو وڏو انگ اتي پهچي ويو.
لاهور ۾ جشنِ آزادي جي شروعات تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته فجر جي نماز دوران ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.
ڪوئيٽا ۾ به ڪينٽ ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ مسجدن ۾ فجر جي نماز دوران ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل، نيوي چيف ۽ ايئر چيف قوم کي 79هين جشنِ آزادي جون مبارڪون ڏنيون آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن خطرن خلاف مادرِ وطن جي دفاع لاءِ غير متزلزل عزم برقرار آهي. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي محافظ طور هٿياربند فوجون ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي بانيان جو ويزن ۽ اصول قوم کي ملڪ جي نظرئي ۽ قدرن تي قائم رهڻ لاءِ مسلسل متاثر ڪن ٿا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته قوم سان گڏ متحد ٿي هٿياربند فوجون امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ثابت قدم رهنديون.


