گمبٽ ۾ چونڊ مهم هلائڻ تي ٽن چيئرمينز کي اليڪشن ڪميشن جا نوٽيس

1 Min Read

گمبٽ(ممتاز ميمڻ)  پي ايس 30 تي رٿيل ننڍي چونڊ ۾ مبينا طور چونڊ مهم هلائڻ تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ميونسپل ڪميٽي گمبٽ جي چيئرمين عبداللطيف شيخ، اڳڙا ٽائون جي چيئرمين نبي بخش سيال ۽ درازا جي چيئرمين نظر الحق فاروقي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب مڪاني حڪومتن جي چيئرمينز مبينا طور چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي پي ايس 30 جي اميدوار کي فائدو پهچائڻ لاءِ مراد هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي پروگرام ڪوٺايو ۽ اميدوار جي پذيرائي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي حڪم تحت ميونسپل ڪميٽي گمبٽ جي چيئرمين عبداللطيف شيخ کي درازا جي چيئرمين نظر الحق فاروقي ۽ اڳڙا ٽائون جي چيئرمين نبي بخش سيال کي 5 اڄ ذاتي طور حاضر ٿي پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقرر وقت تي جواب جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل قانون ۽ چونڊ ضابطن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي..

Share This Article
Leave a Comment