مهانگائي جو نئون رڪارڊ، هفتيوار شرح 14.52 سيڪڙو تائين پهچي وئي

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ننڍي مدي واري مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي ۽ 14 مئي تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران حساس قيمتن جو انڊيڪس سالياني بنياد تي 14.52 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جنهن عوامي بجيٽ کي سخت متاثر ڪيو آهي.
پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي انگن اکرن موجب هفتيوار بنياد تي به SPI ۾ 0.47 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
انگن اکرن موجب سالياني بنياد تي پيٽرول 64.23 سيڪڙو، ڊيزل 61.61 سيڪڙو، اٽو 57.56 سيڪڙو، بجلي بل 52.58 سيڪڙو، بصر 50.06 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 40.66 سيڪڙو مهانگا ٿيا.
آءِ بي اي جي معاشي ماهر ڊاڪٽر جاذب ممتاز موجب مهانگائي جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ ڀاڙن جا خرچ وڌڻ آهن.
هفتيوار بنياد تي ٽماٽا 22.13 سيڪڙو ۽ اٽو 4.94 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

Share This Article
Leave a Comment