ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا، 2 دوستن سميت 3 ڄڻا فوت، 2 سخت زخمي

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊيفنس فيز 2 ۾ لائبريري ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان فوت ٿي ويا.
پوليس موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 20 سالن جي حمزا پٽ شڪيل ۽ 22 سالن جي سمير پٽ اقبال جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي پي اينڊ ٽي ڪالوني جا رهواسي هئا ۽ مال پڙي ويندي ٽريلر جي ٽڪر جو شڪار ٿيا، ڊرائيور فرار ٿي ويو.
ٻئي واقعي ۾ اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ بلوچ هوٽل ويجهو گاڏي جي ٽڪر ۾ 60 سالن جو اڻڄاتل واٽهڙو فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ڇيپا سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ڪورنگي چمڙا چورنگي ويجهو واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪلن کي لتاڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 35 سالن جو نذير ۽ 35 سالن جو ڪاشف سخت زخمي ٿي پيا.
ايس ايڇ او ناصر محمود موجب حادثي بعد ٽينڪر نالي ۾ ڪري پيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

Share This Article
Leave a Comment