آءِ ايم ايف پاران پاڪستان تي پيٽرول، گئس ۽ بجلي مهانگو ڪرڻ جا شرط لاڳو

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ڪرڻ ۽ نيب جي خودمختاري سميت 11 نوان شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.
آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس هدف 15 هزار 267 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تحت عوام تي 430 ارب رپين جا نوان اضافي ٽيڪس لڳڻ جو امڪان آهي.
ان کان سواءِ ايندڙ مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 1727 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا.
آءِ ايم ايف جي نون شرطن ۾ وفاقي بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري، ڪرنسي اڪسچينج جي خودمختاري، نيب کي وڌيڪ آزاد بڻائڻ، پيپرا رولز ۾ ترميمون، ۽ خصوصي اڪنامڪ زونز کي مليل مراعتون 2035ع تائين مڪمل ختم ڪرڻ شامل آهن.
مالياتي اداري چيو آهي ته بينظير ڪفالت پروگرام کي برقرار رکيو وڃي پر توانائي جي شعبي ۾ بجلي ۽ گئس جا سالياني ۽ ڇهه ماهي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment