ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص جي علائقي سنڌڙي لڳ ڳوٺ ابوبڪر جوڻيجو ۾ هڪ جوڙي پاران پيار پرڻي کان پوءِ پلاند طور اغوا ٿيل ۽ بعد ۾ بازياب ڪرايل ٽن نينگرين آسيا، ريحانا ۽ نازيا مڱڻهار جا وارث انصاف ۽ تحفظ لاءِ ايس ايس پي آفيس ميرپورخاص پهچي ويا.
متاثر وارثن منظور، علي نواز ۽ احسان مڱڻهار ايس ايس پي سيد فدا حسين شاهه سان ملاقات ڪري دانهيو ته ڪيس جو مک جوابدار عرس مري اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو.
وارثن الزام هنيو ته جوابدار کي بااثر ڌرين جي سرپرستي حاصل آهي، جيڪي کيس پوليس کان لڪائي تحفظ ڏئي رهيون آهن.
هنن چيو ته جوابدار کين لاڳيتو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري هو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ خوف سبب محنت مزدوري يا ڪاروبار لاءِ ٻاهر نٿا نڪري سگهن.
وارثن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ فرار جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ميرپورخاص: پلاند طور اغوا بعد بازياب ٿيل نياڻين جا وارث ايس ايس پي وٽ پهتا، تحفظ جو مطالبو
Leave a Comment Leave a Comment

