ٺٽو: ڪوئلي جي کاڻ ويهجي وئي، 2 پورهيت فوت، ڪيترائي دٻجي ويا

1 Min Read

ٺٽو: (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ويهجي وڃڻ سبب وڏو حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پورهيت فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي پورهيتن جي ملبي هيٺان دٻجي وڃڻ جا اطلاع آهن.
مليل ڄاڻ موجب، پورهيت کاڻ اندر ڪم ۾ مصروف هئا ته اچانڪ مٿن مٽيءَ جي ڇپ ڪري، جنهن ڪري اندر موجود پورهيت دٻجي ويا.
واقعي کان پوءِ مقامي سطح تي امدادي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ ٻن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
انتظاميا موجب کاڻ اندر اڃا به ڪيترائي پورهيت دٻيل آهن، جن کي سلامتي سان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن تيزي سان جاري آهي.
علائقي ۾ هن حادثي کان پوءِ سخت ڏک واري لهر پکڙيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment