ميرپورخاص: ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، رٽائرڊ استاد ۽ سندس گهرواري فوت

2 Min Read

ميرپورخاص ( ويب ڊيسڪ )  دلبر مهر ٿاڻي جي حد ۾ ٻارهن ميل وٽ ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ رٽائرڊ پرائمري استاد ۽ سندس گهرواري فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڊاٽسن جو ڊرائيور حادثي کانپوءِ فرار ٿي ويو.

پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ ڳوٺ عبدالنبي بروهي، هڱورنو واسي رٽائرڊ پرائمري استاد رسول بخش بروهي ۽ سندس گهرواري نور بانو طور ٿي آهي.

ٻئي ڄڻا موٽرسائيڪل تي ميرپورخاص کان هڱورنو وڃي رهيا هئا ته ٻارهن ميل وٽ سامهون ايندڙ ڊاٽسن سان سندن موٽرسائيڪل ٽڪرائجي وئي. حادثو ايترو شديد هو جو زال مڙس ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.

اطلاع ملڻ تي دلبر مهر ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيا، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش مرده خاني ۾ رکيا ويا.

ايس ايڇ او دلبر مهر غازي راڄڙ موجب حادثي ۾ ملوث ڊاٽسن پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊرائيور فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ٻئي طرف علائقي واسين حادثي کانپوءِ ريسڪيو 1122 جي مبينا دير سان پهچڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏنو ويو، پر مبينا طور بروقت مدد نه پهتي.

شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ريسڪيو سروس جي مبينا دير جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ حادثن دوران بروقت امداد فراهم ڪري قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن.

Share This Article
Leave a Comment