ميرپورخاص ۾ پوليس اهلڪار جو قتل ڪيس داخل، 4 ڄڻا گرفتار

1 Min Read

ميرپورخاص  ( رپورٽ: امجد خاصخيلي ) ميرپورخاص ۾ پوليس اھلڪار کي قتل ڪرڻ جو ڪيس ٽائون ٿاڻي جي ننڍي منشي سميت 8 ڄڻن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري  جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

ميرپورخاص جي ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حيدر فيز 1 ۾ 3 ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان گوليون ھڻي قتل ڪيل پوليس اھلڪار خالد مري جو ڪيس سندس والدا شھزادي مريءَ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

ايف آءِ آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آھي تھ سندن ابراھيم بروھيءَ وارن سان زمين تي تڪرار ھلندڙ ھو. فريادڻ وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته سندس پٽ ڪم ڪار سانگي ٻاھر ويو، جيڪو واپس اچي رھيو ھو تھ تابش مري، جيڪو ٽائون ٿاڻي تي ننڍو منشي آھي، ان کان علاوھ، سومار بروھي، گلشير بروھي، احمد علي بروھي ۽ 2 اڻڄاتل ماڻھن سندس پٽ جو گھيرو ڪيو.

محمد حسن مري کيس موٽر سائيڪل جو ٽڪر ھنيو ۽ علي محمد عارف عالي مري کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو. ھوڏانھن ذريعن موجب ٽائون پوليس ننڍي منشي تابش مري سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

Share This Article
Leave a Comment