ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي ) ميرپورخاص جي ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حيدر فيز ون واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو.
موٽر سائيڪل تي سوار 5 ھٿياربندن 30 سالن جي نوجوان خالد مري کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان پوليس اھلڪار آھي.
اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي وئي، جيڪا لاش کڻائي سول اسپتال پھتي. واقعي واري جاءِ تي موجود مقتول جي ڀاءُ شھباز ٻڌايو تھ ھو سمورن جوابدارن کي سڃاڻن ٿا، جن ۾ تابش، سومر، گلشير، عالي ۽ حسن قتل ڪيو آھي.
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سندن زمين تان اڳين ڌر سان تڪرار ھلندڙ ھو، لاڳيتو کيس تنگ ڪندا رھندا ھئا، زمين جا ڪيس پڻ ھلندڙ ھئا، اڄ جوابدارن خالد کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي.
ن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن خالد کي پھرين گاڏيءَ جو ٽڪر ھنيو ۽ بعد ۾ گوليون ھنيون.


