اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ تيزاب گردي جي جوابدار عبدالمنان جي عمر قيد برقرار رکي ڇڏي، عدالت وڪري تي پابندي ۽ متاثرن لاءِ قومي بحالي فنڊ قائم ڪرڻ جون هدايتون
سپريم ڪورٽ تيزاب گردي جي ڪيس ۾ اهم ۽ تاريخي فيصلو ڏيندي جوابدار عبدالمنان جي عمر قيد جي سزا برقرار رکي ڇڏي، جڏهن ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي تيزاب گردي جي روڪٿام ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪيترين ئي اهم هدايتن جو حڪم ڏنو آهي.
جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. 13 صفحن تي مشتمل فيصلو جسٽس هاشم خان ڪاڪر تحرير ڪيو.
عدالت فيصل آباد جي رهواسڻ اقرا پروين تي تيزاب اڇلائڻ واري مجرم عبدالمنان جي اپيل رد ڪندي سندس عمر قيد جي سزا برقرار رکي. سپريم ڪورٽ مجرم کي متاثر عورت کي 10 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وحشياڻي ۽ اڳواٽ رٿابندي سان ڪيل اهڙن ڏوهن ۾ گهٽ عمر هجڻ کي رعايت جو بنياد نٿو بڻائي سگهجي. عدالت قرار ڏنو ته تيزاب حملو قتل کان به وڌيڪ هولناڪ جرم آهي، ڇو ته قتل هڪ ڀيرو زندگي ختم ڪري ٿو، جڏهن ته تيزاب جو شڪار ٿيل شخص روزاني بنيادن تي جسماني ۽ ذهني تڪليفون برداشت ڪندو رهي ٿو.
سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته ملڪ جون هاءِ ڪورٽون تيزاب گردي جي سڀني ڪيسن جو ٽرائل هر صورت ۾ چار مهينن اندر مڪمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائين ۽ اهڙن ڪيسن جي سڌي نگراني ڪن.
عدالت حڪومت کي عام شهرين لاءِ تيزاب جي کليل ۽ غيرقانوني وڪري تي مڪمل پابندي لڳائڻ، تیزاب جي خريد ۽ وڪري لاءِ بايوميٽرڪ ۽ مرڪزي ڊجيٽل نظام قائم ڪرڻ ۽ خريدار جو نالو، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ آڱوٺي جي تصديق لازمي قرار ڏيڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.
فيصلي موجب حڪومت “نيشنل ايسڊ سروائيورز ريهيبليٽيشن فنڊ” قائم ڪري، جنهن تحت متاثرن جي پلاسٽڪ سرجري، نفسياتي علاج ۽ بحالي جا سمورا خرچ برداشت ڪيا وڃن. مستقل طور متاثر يا بيروزگار ٿي ويل ماڻهن لاءِ ماهوار وظيفو مقرر ڪيو وڃي.
عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته شديد متاثر ماڻهن کي معذوري جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن ۽ کين سرڪاري نوڪرين، تعليمي ادارن ۽ فلاحي اسڪيمن ۾ خاص ڪوٽا فراهم ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته فيصلي جون ڪاپيون سمورين هاءِ ڪورٽن، سيڪريٽري قانون، چيئرمين قانون ۽ انصاف ڪميشن، صوبائي قانون کاتن، اٽارني جنرل ۽ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي موڪليون وڃن ته جيئن عدالتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.


