Focus with Zardari

ميرپورماٿيلو: نوجوان ذوالفقار ڪولاچي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

1 Min Read

ميرپورماٿيلو(جعفر شيخ) ڪجهه مهينا اڳ دڪان تي مبينا طور قتل ٿيل نوجوان ذوالفقار ڪولاچي جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ وارثن عورتن ۽ ٻارڙن سميت ايس ايس پي آفيس ٻاهران گڏ ٿي پوليس کان ذوالفقار ڪولاچي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

وارثن جو چوڻ هو ته ذوالفقار ڪولاچي کي ڪجهه مهينا اڳ ميرپورماٿيلو ۾ سندس دڪان تي قتل ڪيو ويو هو، واقعي کانپوءِ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود هن وقت تائين قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ذوالفقار ڪولاچي جي قتل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment