سکر(عبدالغفور شيخ) زرعي آفيسرن پاران مبينا غيرقانوني مقرري خلاف احتجاج ڪندي آفيسن جي تالا بندي ۽ سبسڊي پروگرام جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر سکر احسان الله سمائر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر گھوٽڪي آصف جاويد صديقي، ربنواز ملاڻو ۽ اعجاز سمائر جي اڳواڻي ۾ زرعي آفيسرن احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ آفيسرن جو مطالبو آهي ته ڊاڪٽر مظهر الدين ڪيريو کي ڏنل ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جو اضافي چارج واپس ورتو وڃي ۽ کاتي جي سينئر ترين آفيسر کي ڊي جي مقرر ڪيو وڃي.
زرعي آفيسرن التوا هيٺ پروموشن ڪميٽين جا اجلاس پڻ فوري طور طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جون آفيسون بند رکيون وينديون.
آفيسرن پاران سنڌ ويٽ گروورس سپورٽ پروگرام 2026-27 جي مڪمل بائيڪاٽ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.


