ميرپورماٿيلو ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

1 Min Read

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلو ۾ نرلي، سيهڙ، لنڊ مائينر ۽ ريتي واھ جي آبادگارن ڊي سي آفيس اڳيان زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو.
مظاهرين قاضي ارشاد، تراب شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا جا نعرا هنيا.
آبادگارن چيو ته گهوٽڪي فيڊر مان پورو پاڻي نه ملڻ سبب فصل سڪي رهيا آهن ۽ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment