ڪشمور ۾ پيرسن محمد حيات مزاري جي قتل خلاف وارثن جو احتجاج، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ محمد يوسف مزاري ۾ پيرسن محمد حيات مزاري جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن پڻ شرڪت ڪئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيرسن محمد حيات مزاري کي پاڻي جي تڪرار تان پنهنجي ئي قبيلي جي ماڻهن قتل ڪيو هو، جنهن واقعي کي ڇهه مهينا گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
وارثن جو چوڻ هو ته واقعي جو ايف آءِ آر ڪشمور ٿاڻي تي داخل آهي، پر پوليس طرفان ڪا به سنجيده ڪارروائي نه ڪئي وئي، جيڪا پوليس جي نااهلي ظاهر ڪري ٿي.
هنن الزام هنيو ته واقعي ۾ جمشير مزاري، شاهنواز مزاري، گنج علي مزاري، محبوب مزاري، شربت مزاري، شڪل مزاري، سجاول مزاري ۽ فوج علي مزاري ملوث آهن، پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
متاثر وارثن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment