ميرپورماٿيلو (جعفر شيخ) نيشنل هاءِ وي ڀرسان هٿياربندن هڪ دڪان تي فائرنگ ڪري مستري ذوالفقار ڪولاچي کي قتل ڪري ڇڏيو.
شروعاتي ڄاڻ مطابق واقعو ڪولاچي برادري جي پراڻي تڪرار جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي.
واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ ڪولاچي برادري جي نوجوان ابرار ڪولاچي کي سندس گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾ مقتول ذوالفقار ڪولاچي جي ڀيڻ، ڀائرن ۽ ٻين مٿان الزام لڳايو ويو هو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حملي ۽ ان جي سببن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


