ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ مير رضا علي جي قبر ڪشائي کانپوءِ سامهون آيل فرانزڪ رپورٽ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي آهي. فرانزڪ رپورٽ موجب مير رضا علي جي موت خودڪشي نه هئي. مير رضا علي جي موت گولي لڳڻ سبب دل کي پهتل شديد زخمن جي نتيجي ۾ ٿي. فرانزڪ بورڊ متفقه راءِ ڏيندي موت جو سبب دل ڦاٽڻ قرار ڏنو آهي.
رپورٽ موجب مير رضا علي جي لاش کي تدفين کان تقريبن 12 ڏينهن پوءِ قبر مان ڪڍيو ويو. معائني دوران جسم جي کاٻي پاسي مٿئين پٺي تي گولي لڳڻ جو زخم ۽ کاٻي مٿئين سيني تي گولي نڪرڻ جو زخم مليو. ڇهين پاسري ۾ ڀڃڪڙي ۽ سيني جي کاٻي پاسي رت گڏ ٿيڻ جا نشان پڻ مليا.
فرانزڪ رپورٽ موجب ڪپڙن جي جاچ دوران فائرنگ سان لاڳاپيل ليڊ ۽ بيريم جا ذرات مليا، جڏهن ته هٿن ۽ ٻين نمونن ۾ پڻ گولي هلڻ کانپوءِ رهجي ويندڙ ذرات جا نشان مليا.
رت جي نموني ۾ بي وپيواڪين جا آثار مليا، جڏهن ته ڪپڙن تي موجود تيزاب کي هائيڊروڪلورڪ تيزاب قرار ڏنو ويو.
رپورٽ ۾ ٻين حاصل ڪيل نمونن جي جاچ دوران نشي آور، نفسياتي يا زهريلي مواد جا آثار نه ملڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
قبر ڪشائي لاءِ جوڙيل طبي بورڊ سمورن شاهدن ۽ ليبارٽري رپورٽن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ متفقه طور تي قرار ڏنو ته مير رضا علي جي موت گولي لڳڻ سبب دل کي پهتل شديد زخم جي نتيجي ۾ ٿي.
فرانزڪ رپورٽ جي نتيجن موجب مير رضا علي جي موت کي خودڪشي قرار نٿو ڏئي سگهجي.


