بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شادي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي مڱڻي بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي بيان ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته نه ته سندس ڳالهه پڪي ٿي آهي ۽ نه ئي مڱڻي ٿي آهي.

هن چيو ته سماجي رابطن واري ميڊيا سندس ڳالهه پڪي ڪرائڻ سان گڏ مڱڻي ۽ شادي به ڪرائي ڇڏي آهي، پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اصل ۾ هي سماجي رابطن واري ميڊيا جو تماشو آهي، جيڪو عوام جو ڌيان اصل مسئلي تان هٽائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ پمز سانحي ۾ 14 ٻار فوت ٿيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ وزير، جيڪو پاڪستان جو گورباچوف بڻجڻ چاهي ٿو، اهو اسان جي ملڪ جا 30 ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اهو وزير هڪ اسپتال به سنڀالي نٿو سگهي.

Share This Article
Leave a Comment