مٽياري ۾ گم ٿيل پورهيت جو لاش سم واري کڏ مان هٿ، بيروزگاري سبب آپگهات جو شڪ

1 Min Read

مٽياري (رپورٽ: عادل علي خشڪ) پير سرهندي پاڙي جو رهواسي، پراسرار نموني گم ٿيل پورهيت ٽوهه عرف گونگو ڳهيلو جو لاش 24 ڪلاڪن بعد پاڙي ڀرسان موجود سم واري کڏ مان هٿ ڪيو ويو.

رهواسين موجب پورهيت ڪالهه صبح کان گم هو. سندس ڪپڙا ۽ چپل سم واري کڏ جي ڀرسان مليا هئا، جنهن کانپوءِ علائقي واسين سندس ڳولا شروع ڪئي هئي.

لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن سميت علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.

وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي واڍڪو ڪم ڪندو هو، پر ڪجهه ڏينهن کان روزگار نه ملڻ سبب سخت پريشان رهندو هو. سندن خيال آهي ته شايد ان ذهني پريشاني سبب هن اهو انتهائي قدم کنيو هجي.

پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته موت جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ئي واضح ٿي سگهندو.

Share This Article
Leave a Comment