مڙس جا اغوا وارا الزام بي بنياد آهن، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو: گمبٽ واسڻ

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز مميڻ)  گمبٽ واسڻ ٽن ٻارن جي ماءُ مسمات ثمينه چانڊيو پنهنجي مڙس خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندس مڙس مٿس ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هنيا آهن، جڏهن ته کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي.

هن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندس مڙس ست مهينا اڳ کيس گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ نه رڳو هن ۽ ٻارن جو خرچ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پر هوءَ ٽن ٻارن سميت پنهنجي امڙ وٽ رهڻ تي مجبور بڻيل آهي.

ثمينه چانڊيو چيو ته هوءَ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ کيس پنهنجي ۽ ٻارن جي سلامتي بابت به خدشا آهن.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس ۽ سندس ٽن ٻارن کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي، جيئن هوءَ بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي باعزت زندگي گذاري سگهي.

Share This Article
Leave a Comment