تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران پاڪستان کي موڪليل پيغام ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
سعودي ميڊيا العربيه موجب، ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهيون جنيوا، دوحه يا اسلام آباد ۾ ٿي سگهن ٿيون. ايران پاڪستاني اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته هنن ڳالهين تان هٿ ناهي کنيو، پر رڳو انهن کي عارضي طور معطل ڪيو ويو هو.
رپورٽ موجب، ايران واضح ڪيو آهي ته هرمز لنگهه ۾ نئين سامونڊي گذرگاهه جو قيام قبول نه ڪندو. ايران جو موقف آهي ته ڳالهيون اتان ئي ٻيهر شروع ڪيون وڃن، جتان رڪجي ويون هيون، ۽ سڀ کان پهرين هرمز واري معاملي تي بحث ڪيو وڃي. ان کانپوءِ منجمد اثاثن ۽ پوءِ ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين کي اڳتي وڌايو وڃي.
ٻئي پاسي، آمريڪي خابرو اداري ايڪسيوس دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جمعي ڏينهن فوج کي ايران تي ڪو به نئون حملو نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن سان لڳاتار ٻن هفتن کان جاري روزاني حملن جو سلسلو رڪجي ويو.
رپورٽ موجب، اهو واضح ناهي ته ٽرمپ جو اهو حڪم عارضي آهي يا حملن ۾ وقفو وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندو. جيڪڏهن ٻيهر حملن جو حڪم ڏنو ويو ته آمريڪي فوج مختصر نوٽيس تي ڪارروائي لاءِ تيار آهي.
وائيٽ هائوس هن رپورٽ تي ڪنهن به قسم جو تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.


