نواز شريف آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

2 Min Read

مظفرآباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪاميابي ملي ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي چوندو ته کيس آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻايو وڃي.

مظفرآباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير سندس ٻيو گهر آهي ۽ اهو کيس پنجاب جيترو ئي عزيز آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئن صوبن جي ترقياتي منصوبن ۾ فرق نه ڪيو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٺهي ته علائقي جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن عوام سان واعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏيندا ته هو هر ٽن مهينن بعد آزاد ڪشمير اچي ماڻهن جا مسئلا پاڻ ٻڌندو.

نواز شريف چيو ته پنجاب جهڙا ترقياتي منصوبا آزاد ڪشمير ۾ به آندا ويندا، موٽروي سميت جديد منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو، جڏهن ته پنجاب حڪومت طرفان مظفرآباد لاءِ 10 برقي (اليڪٽرڪ) گرين بسون ۽ آزاد ڪشمير لاءِ 15 موبائل اسپتال پڻ فراهم ڪيا ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي اڳوڻي دورِ حڪومت ۾ آزاد ڪشمير جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي هئي، ۽ جيڪڏهن ٻيهر حڪومت ٺهي ته آزاد ڪشمير جي بجيٽ کي 10 ڀيرا وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment