گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلو ۾ نوجوان ملهڻ شر جي مبينا تذليل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد آندل سندراڻي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او قابل ڀيو خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جي حڪم تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته قابل ڀيو نوجوان کي لاڪ اپ ۾ رکي تذليل ڪئي، جڏهن ته ڪيس ۾ ڊجيٽل ميڊيا ذريعي تذليل ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جا الزام شامل آهن.


