ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي خداداد ڪالوني ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڳجهي اداري جي گڏيل ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 1 دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته سندس 4 ساٿي فرار ٿي ويا.
ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.


