نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نينگري سميت 4 ڄڻا زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ تيز رفتار وين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ علي نواز، سلطان، گل حسن ۽ 9 ورهين جي بسمه شامل آهن.

حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو، جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

واقعي کان پوءِ وين جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس وين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment