Focus with Zardari

نوشهروفيروز: ٺاروشاهه باءِ پاس تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، عورت فوت، مرد زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ٺاروشاهه باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مسمات جنت خاتون موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته علي بخش رند سخت زخمي ٿي پيو.

حادثي کانپوءِ فوت ٿيل عورت جو لاش ۽ زخمي علي بخش رند کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

زخمي علي بخش رند ٻڌايو ته هو محبت ديرو ڀرسان ڳوٺ غلام قادر رند جا رهواسي آهن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ نوشهروفيروز وڃي رهيا هئا ته ٺاروشاهه باءِ پاس تي اوچتو تيز رفتار ٽرالر سندن موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب حادثو پيش آيو.

Share This Article
Leave a Comment