فيض گنج (رپورٽر) ڳوٺ رانجھو خاصخيلي ۾ ڪارنهن جي الزام تان ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي جهيڙي دوران مبينا طور 60 سالا عورت کي قتل ڪيو ويو، جنهن بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
ڳوٺاڻن موجب واقعي کانپوءِ پوليس اڃا تائين واقعي واري هنڌ نه پهتي، جڏهن ته مقتولا عورت جو لاش فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر پڪا چانگ منتقل ڪيو ويو.
مقتول عورت جي ڀاءُ صحافين کي ٻڌايو ته ڪارنهن جي الزام تان گذريل هڪ سال کان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو هلندڙ هو، جنهن جو افسوسناڪ انجام سندس ڀيڻ جي قتل جي صورت ۾ سامهون آيو.
ڳوٺاڻن پوليس کان فوري ڪارروائي ڪندي جوابدارن جي گرفتاري ۽ واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.


