Focus with Zardari

نوشهروفيروز: ڪنڊيارو ڀرسان معصوم ٻار سان مبينا زيادتي جو الزام، شفاف جاچ جو مطالبو

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ڪنڊيارو ڀرسان ارسلان شادي هال وٽ راشد لغاري نالي معصوم ٻار سان مبينا زيادتي جو الزام سامهون آيو آهي. متاثر ڌر پاران عباس کوکر ۽ لال بخش کچي تي مبينا زيادتي جا الزام لڳايا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جون حتمي حقيقتون پوليس جي شفاف جاچ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهنديون.

ذريعن موجب متاثر ٻار پياري سامٽي وٽ مينهون چاريندو آهي. واقعي کانپوءِ وارثن ۽ علائقي واسين ٻار کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ شفاف جاچ ذريعي انصاف جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي.

متاثر ڌر گهرو وزير سنڌ ضياءَ حسين لنجار، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد فيصل بشير ميمڻ، ايس ايس پي نوشهروفيروز ڊاڪٽر مير روحل خان کوسو، ڊي ايس پي ڪنڊيارو جاويد احمد لاکير ۽ ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد نبي کچي کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي، متاثر ٻار کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment