Focus with Zardari

ڄامشورو: المنظر ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، هڪ زخمي

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) المنظر ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ خادم حسين طور ٿي آهي. حادثي کانپوءِ زخمي ۽ فوتي جو لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment