نوشهرو فيروز: نيشنل هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي لنجار هائوس ويجهو ڪراچي کان بهاول نگر ويندڙ ڪار اوور ٽيڪ دوران ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائيندي پاڻي سان ڀريل کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب ڪار ۾ ٻه ڄڻا سوار هئا. حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ افتخار نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي پنهنجي سڃاڻپ عمران طور ڪرائي آهي.

پوليس فوتي جو لاش ۽ زخمي کي مورو اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ۽ زخمي جو ڪراچي جي ڪهڙي علائقي سان تعلق آهي، ان بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment