نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي ڪمال ديرو ڀرسان ڳوٺ نبي بخش ڪليري ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو.
مليل ڄاڻ موجب نوجوان وقار ڪليري گذريل رات دير سان گهر ڀرسان موجود ليمن جي باغ ڏانهن ويو، جتي کيس زهريلي نانگ ڪکي وڌو.
وارثن نوجوان کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، پر جسم ۾ زهر تيزي سان ڦهلجڻ سبب هو جانبر نه ٿي سگهيو.
نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد لاش گهر پهچايو ويو، جتي وارثن ۽ علائقي واسين ۾ ڪهرام مچي ويو. واقعي سبب ڳوٺ ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.

نوشهرو فيروز: ڪمال ديرو ڀرسان نانگ جي ڪکڻ سبب نوجوان فوت
Leave a Comment Leave a Comment

