منشيات ڪيس ۾ مشهور ٽي وي ميزبان سميت 12 ڄڻن کي موت جي سزا

2 Min Read

قاهره ( ويب ڊيسڪ ) مصر جي عدالت مشهور ٽي وي ميزبان ۽ ميڊيا شخصيت سارا خليفه سميت 12 ڄڻن کي منشيات جي تياري ۽ اسمگلنگ جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 39 ورهين جي سارا خليفه ۽ ٻين جوابدارن تي منظم ڏوهاري گروهه ٺاهڻ، مصنوعي منشيات جي تياري لاءِ خام مال حاصل ڪرڻ، منشيات تيار ڪري وڪري ۽ اسمگلنگ ڪرڻ، جڏهن ته بنا لائسنس هٿيار ۽ گولا بارود رکڻ جا الزام هئا.

اختيارين موجب ڪارروائي دوران 750 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ۽ ان جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ خام مال هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه فليٽ مبينا طور منشيات تيار ڪرڻ لاءِ ليبارٽري طور استعمال ٿي رهيا هئا. ڪارروائي دوران غير قانوني هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ اچڻ جو ٻڌايو ويو.

عدالتي رڪارڊ موجب ڪيس ۾ مجموعي طور 28 جوابدار شامل هئا، جن مان 12 کي موت جي سزا، 9 کي عمر قيد ۽ 7 ڄڻن کي بري ڪيو ويو.

مصر جي قانون تحت موت جي سزا وارن ڪيسن ۾ گهربل طريقيڪار تحت عدالت سزائن جي توثيق کان اڳ ملڪ جي گرانڊ مفتي کان شرعي راءِ پڻ ورتي. رپورٽن موجب مفتي جي راءِ عدالت لاءِ لازمي پابند نه هوندي آهي.

سارا خليفه، جيڪا ڏوهن ۽ سيڪيورٽي بابت پروگرام جي ميزباني لاءِ مشهور رهي آهي، مٿس لڳايل الزامن کان انڪار ڪندي پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڏنو آهي.عدالت جو فيصلو حتمي ناهي ۽ جوابدارن کي اپيل جو حق حاصل آهي.

Share This Article
Leave a Comment