حيدرآباد/ڄامشورو (رپورٽ: ذاڪر لغاري/باسط ملاح) ڄامشورو ڀرسان ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ مبينا طور چوڪيداري جي نوڪري نه ملڻ خلاف مقامي بااثر ڳوٺاڻي محمد اسماعيل چاوڙو سرڪاري اسڪول کي پنهنجو تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول جا اٽڪل 500 ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا.
استادن موجب صبح جو معمول مطابق اسڪول پهچڻ تي مک دروازي تي تالو لڳل ڏسي تدريسي عمل شروع نه ٿي سگهيو. استادن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو انتظامي يا ڀرتيءَ جو مسئلو آهي ته تعليم کاتي سان رابطو ڪيو وڃي، اسڪول بند ڪرڻ سان معصوم ٻارن جي تعليم متاثر ٿيندي. معاملي بابت لاڳاپيل اختيارين کي پڻ آگاهه ڪيو ويو.
ٻئي طرف اسڪول کي تالو هڻندڙ محمد اسماعيل چاوڙو جو چوڻ آهي ته اسڪول لاءِ زمين هنن ڏني هئي ۽ اسڪول اندر ننڍين پوسٽن تي ڀرتين وقت هنن تعليم کاتي کي پنهنجي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ چيو، پر سندن ڳالهه نه ٻڌي وئي. سندس چوڻ هو ته اسڪول بند ڪرڻ سٺو عمل ناهي، پر ڪير نه ٻڌي ته احتجاج کانسواءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟
معاملي ۾ اهم سوال اهو آهي ته نوڪري يا زمين جي ڪنهن به تڪرار جو حل ڇا اسڪول بند ڪري سوين ٻارن جي تعليم روڪڻ آهي؟ والدين ۽ استادن مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول فوري طور کولرايو وڃي، تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي ۽ زمين توڙي ڀرتين واري معاملي جي قانون موجب شفاف جاچ ڪئي وڃي.


