نوڪري لاءِ موڪليل ڪاغذ ڪچري مان هٿ، ٽنڊي الهيار ۾ اميدوار مڇرجي پيا

2 Min Read

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ تعليم کاتي ۾ 1 کان 4 گريڊ جي نوڪرين واري عمل ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ مبينا ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جتي انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهتل اميدوارن پنهنجا ڪاغذ ڪچري جي دٻن مان ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
نوڪرين جا انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل اميدوارن سجاد جروار، فدا حسين لغاري، همايون لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏ ٿي تعليم کاتي جي انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي.
ميڊيا آڏو دانهيندي اميدوارن چيو ته هي ظلم جي انتها آهي ته اسان جيڪي ڪاغذ وڏي اميد سان نوڪرين لاءِ ايجوڪيشن کاتي ۾ جمع ڪرايا هئا، اهي آفيسن مان ملڻ بدران ٻاهران ڪچري جي دٻن مان مليا آهن، جيڪو غريب اميدوارن سان گهرو مذاق آهي.
مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوڪرين ۾ ميرٽ جي کليل لتاڙ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن نوڪريون رڳو من پسند ۽ سفارشين کي ئي ڏيڻيون هيون، ته پوءِ غريب گهرن جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي هن سخت گرميءَ ۾ انٽرويو جي بهاني دربدر ڇو ڪيو ويو آهي؟
اميدوارن گڏيل طور تي سليڪشن ڪميٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته هن سڄي عمل جي شفاف جاچ ڪرائي ميرٽ جي بنياد تي انٽرويو ڪيا وڃن ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي ضلعي تائين وسيع ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment