واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان تازي ڇڪتاڻ باوجود دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ بندي اڃا تائين برقرار آهي.
وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران پاران ڪيل حملن جي جواب ۾ آمريڪي فوج دفاعي ڪارروايون ڪندي ايراني فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي حملا انتهائي ڪامياب رهيا، جنهن ۾ ايران جي ميزائل مرڪزن، ڪمانڊ سينٽرز ۽ ٻئي عسڪري انفراسٽرڪچر کي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن تهران جلد امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏي ته مستقبل ۾ وڌيڪ تشدد ۽ ويڙهه کان بچي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، پر آمريڪي فوج ۽ مفادن تي ڪو به حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
سياسي ماهرن موجب، ٽرمپ جو هي بيان ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي ته جيئن کيس ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهجي.

ايران سان تازين جهڙپن باوجود جنگ بندي اڃا برقرار آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
Leave a Comment Leave a Comment

